مشهور آمريڪي ميگزين فوريس سياحن جي لاءِ خطرناڪ ترين شهرن ۾ پاڪستان جي هڪ شهر کي به شامل ڪري ڇڏيو آهي. فوريس طرفان سياحن جي لاءِ جاري ايڊوائزري ۾ سال 2024 جي دنيا جي خطرناڪ ترين شهرين جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي. ميگزين طرفان وينزويلا جي شهر ڪراڪس کي سياحن جي لاءِ دنيا جو سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ ترين شهر قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته پاڪستان جو شهر ڪراچي انهي فهرست ۾ ٻئين ۽ ميانمار جو شهر ينگون سياحن جي لاءِ ٽيون خطرناڪ شهر قرار ڏنو ويو آهي. فوريس ميگزين جي رپورٽ موجب ڪراچي ۾ سياحن جي سلامتي کي انتهائي درجي جا خطرا آهن. ڪراچي ۾ ڏوهه، تشدد، قدرتي آفت ۽ معاشي ڪمزورين جا سخت خطرا به موجود آهن. انهي فهرست ۾ سينگاپور کي سياحن جي لاءِ دنيا جو محفوظ ترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته جاپان جو شهر ٽوڪيو ۽ ڪينيڊا جو شهر ٽورنٽو به سياحن جي لاءِ محفوظ ترين ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي. ياد رهي ته گذريل مهيني اڪنامسٽ انٽيليجنس يونٽ(اي آءِ يو) 2024 جي لاءِ دنيا ۾ رهائش جي لاءِ بهترين شهرن جي فهرست جاري ڪئي هئي، انهي فهرست ۾ ڪراچي به شامل هو جيڪو 169هين نمبر تي موجود آهي گذريل سال به ڪراچي جي حصي ۾ ساڳيو ئي نمبر آيو هو.