شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري ۾ پنجن ڏينهن وارو اسپورٽس گالا پڄاڻيءَ تي پهتو. ڪرڪيٽ، بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس، رسا ڪشي، شطرنج، والي بال، ٿرو بال، ميراٿن ۽ کوکو راند ۾ کٽندڙ شاگردن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا سيبس يونيورسٽي ڄامشوري جي اسپورٽس ڪميٽي پاران شاندار اختتامي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو مختلف راندين جا مقابلا کٽندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو ڪامياب اسپورٽس گالا منعقد ڪرائڻ تي ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته تعليمي ادارن کي گهرجي ته اهي راندين ۽ ٻين ثقافتي سرگرمين جي سرپرستي ڪن ته جيئن معاشري ۾ امن، رواداري، اعتدال ۽ شاگردن جي ڪردار سازي کي هٿي وٺرائي سگهجي هن چيو ته راندين کي سيبس يونيورسٽي ۾ شاگردن جي تعليم ۽ تربيت ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي ڊاڪٽر ڀٽو وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين کي مختلف راندين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن معيار جا رانديگر پيدا ٿين جيڪي پاڪستان ۾ راندين جي رونق کي بحال ڪن پڄاڻي واري تقريب کي اسپورٽس ڪميٽي جي ڪنوينر حنا ماروي خلجي، فضل الاهي خان، منظور سولنگي، ڪاشف شهزاد ۽ ارشد قريشي پڻ خطاب ڪيو.