سيبس يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ”ايڪو آرٽ، گرين لطيف، فطرت ۾ ثقافت“ جي عنوان سان پهرين انٽرنيشنل آرٽ سمپوزيم جو اعلان

 شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو ۾ پاران آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ ”ايڪو آرٽ، گرين لطيف، فطرت ۾ ثقافت“ جي عنوان سان پهريون انٽرنيشنل آرٽ سمپوزيم جو اعلان ڪيو ويو آهي. پروگرام سيبس يونيورسٽي ڄامشورو پاران سينٽر آف نالج ڊولپمينٽ پرائيويٽ لميٽيڊ جي سهڪار سان منعقد ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ سيبس يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينٽر آف نالج ڊولپمينٽ جي سِي اِي او پريم مٿراڻي، ڪارپوريٽ ايڊوائيزر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، ڊائريڪٽر آپريشنز عبدالستار خشڪ، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، فوڪل پرسن سيبس يونيورسٽي، فضل الاهي خان ۽ سيڪريٽري چندر ڪمار شرڪت ڪئي گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سمپوزيم ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه بين الاقوامي ۽ قومي اسڪالرز شرڪت ڪري پنهنجا مقالا پيش ڪندا. سمپوزيم ٻن ڏينهن تي مشتمل هوندو ۽ توقع آهي ته آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ ٿيندو.