سينئر سياستدان غلام قادر ملڪاڻي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌ جو سينيئر سياستدان ۽ پ پ  اڳواڻ غلام قادر ملڪاڻي ڪافي وقت بيمار رهڻ بعد ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو خبر موجب اڳوڻو صوبائي وزير حاجي عثمان خان ملڪاڻي جو ڀاءُ ضلعي چيئرمين دانش ملڪاڻي جو پيءُ  سنڌ جي صوبائي وزير پ پ ضلعي سجاول جي صدر ايم پي اي محمد علي خان ملڪاڻي جو سئوٽ ۽ سنڌ جو مشهور سياستدان، اڳوڻو صوبائي وزير ۽ اڳوڻو ايڊوائزر غلام قادر خان ملڪاڻي ڪافي وقت بيمار رهڻ بعد 71 سالن جي عمر ۾ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو غلام قادر ملڪاڻي جي فوت ٿيڻ جي خبر سجاول ۽ ٺٽي ضلعي ۾ باھ جيان پکڙجي وئي سوڳ ۾ جاتي، ٻارڻ آباد، بيگناه، ڇڇ جھان خان، راڄ ملڪ، غلام شاھ، بوهڙ، ٻڍو ٽالپر شهر مڪمل بند ٿي ويا هزارين ماڻهون سندس اباڻي ڳوٺ راڄ ملڪ پهچي ويا سندس مڙھ سان گڏ گهگڙ ڦاٽڪ کان ڪيترن گاڏين جي قافلي سان گڏ اباڻي ڳوٺ راڄملڪ پهچايو ويو جتي سندس جنازي نماز ادا ڪئي ويندي.