سينئر صحافي ڪامل الدين اڄڻ جي چاچي جي لاڏاڻي تي جنازي نماز ادا، اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي

ٽنڊومستي پريس ڪلب جي سينيئر نائب صدر روزاني سوڀ جي رپورٽر سينيئر صحافي ڪامل الدين اڄڻ جي چاچي / سس گهڻو عرصو جگر جي بيماري ۾مبتلا رهڻ بعد رضا الاھي سان سول اسپتال خيرپور اندر فوت ٿي وئي ، جنھن کي وارث اباڻي ڳوٺ يار محمد اڄڻ کڻائي آيا، جتي مرحومه جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ ادا ڪئي وئي ، مرحومه جي جنازي نماز ۾ علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن شهرين صحافين توڙي اڄڻ برادري جي ماڻھن سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، جنهن بعد مرحومه کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ، سندس وارثن صحافي ڪامل الدين اڄڻ ، وڏيرو ھادي بخش اڄڻ ، قربان علي اڄڻ ، سبحان علي اڄڻ ۽ ٻين سان ٽنڊومستي ڀرسان سندن اباڻي ڳوٺ يار محمد اڄڻ ۾ تعزيت جو سلسلو جاري آهي