سينيٽ اجلاس ۾ اڄ اهم بل پيش ڪيا ويندا، ايجنڊا جاري

 سينيٽ جو اجلاس اڄ صبح ساڍي يارهين وڳي طلب ڪيو ويو آهي جنهن جو 16 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ سوالن جي وقفي سميت مختلف قائمه ڪميٽين جون رپورٽون پيش ڪيون وينديون. قانون وارو وزير ۽ سينيٽر اعظم نذير تارڙ سول ڪورٽس ترميمي بل 2025 ۽ اسپيشل ٽيڪنالوجي زونز اٿارٽي ترميمي بل 2025 پيش ڪندو. جڏهن ته گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ترميمي بل 2025 پيش ڪندو. ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي جي ڪيسز ۾ ڳڻتي جوڳي اضافي جي حوالي سان سينيٽر سرمد علي ڌيان ڏياريو نوٽيس پيش ڪندو، سينيٽر عون عباس پنجاب مان سفر ڪندڙ مسافرن جي بلوچستان ۾ قتل جي واقعي بابت ڌيان ڏياريو نوٽيس پيش ڪندو.