سيڪيورٽي ڪابينه کان پوءِ اسرائيلي حڪومت به غزه جنگبندي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي

 اسرائيل جي سيڪيورٽي ڪابينه کان پوءِ حڪومت به غزه جنگبندي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي. اسرائي وزيراعظم نيتن ياهو جي آفيس طرفان جمعي تي جاري ڪيل بيان موجب سيڪيورٽي ڪابينه حڪومت کي جنگبندي معاهدو قبول ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي انهي کان پوءِ ڇنڇر جي صبح مڪمل ڪابينه جو اجلاس طلب ڪيو ويو جتي معاهدي جي حتمي منظوري ڏني وئي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب اسرائيلي حڪومت حماس سان گڏ جنگبندي معاهدي کي منظور ڪندي يرغمالين جي آزادي واري منصوبي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم نيتن ياهو جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب اهو معاهدو آچر  کان لاڳو ٿيندو. معاهدي جي تحت حماس وٽ گرفتار ٿيل اسرائيلي يرغمالين جي آزادي عمل ۾ آندي ويندي جڏهن ته اسرائيل فلسطيني عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪندو. ميڊيا رپورٽن ۾ اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي حڪومت تي دٻاءُ وجهي معاهدو منظور ڪرايو. جنهن کان پوءِ اسرائيلي وزيراعظم انهي معاهدي کان پوئتي هٽندي نظر نه آيو هو. جڏهن ته هن حماس تي معاهدي جي ڀڃڪڙي جو بي بنياد الزام لڳايو هو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب حماس جي قيد مان آزادي ماڻيندڙ 33 اسرائيلين جون تصويرون جاري ڪيون ويون، جڏهن ته ٻئي طرف اسرائيلي قيد مان آزاد ڪيل 95 فلسطينين جا نالا به جاري ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته جنگبندي ۽ يرغمالين جي ڏي وٺ جو معاهدو سڀاڻي کان لاڳو ٿيندو. ڏٺو وڃي ته اسرائيلي ڪابينه ۾  موجود ڪجهه ماڻهن انهي معاهدي جي مخالفت ڪئي پر عالمي ٽياڪڙين جي ڪوششن سبب اهو معاهدو طئي ٿي ويو جنهن کان پوءِ اسرائيلي حڪومت به انهي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.