سپريم ڪورٽ هٽايل ملازمن جي بحالي واريون درخواستون آئيني بينچز ڏانهن اماڻي ڇڏيون

سپريم ڪورٽ نوڪري مان هٽايل ملازمن جي بحالي جون درخواستون آئيني بينچز ڏانهن اماڻي ڇڏيون آهن.جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل وسيم سجاد چيو ته پرسڪون زندگي هر شهري جو آئيني حق آهي.جسٽس منصور علي شاهه وڪيل سان ڳالهائيندي چيو ته هن ڪيس ۾ آئيني سوال آهي، 26هين آئيني ترميم ۾ ڇا چيو ويو آهي ته آئيني ڪيسز آئيني بينچ ٻڌندا. جسٽس عائشه ملڪ چيو ته اهو ڪيس اهم آهي آئيني بينچ ئي ٻڌندو.ياد رهي ته پيٽروليم واري وزارت جي 7 ملازمن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.