سکر، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد زاهد شاھ بخاري جي شاليمار سکر جي علائقي ريجن سئنيما

سکر، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد زاهد شاھ بخاري جي شاليمار سکر جي علائقي ريجن سئنيما ۾ پ پ پ ليڊيز ونگ جي ورڪر ميڊم رضيه عباسي جي طرفان غريب مستحق عورتن جي انڪم سپورٽ پروگرام جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي رهنما سيد زاهد شاھ بخاري خصوصي شرڪت ڪئي. تقريب غريب مستحق وضيفي کان معروم ٿيل عورتن کي انٽر ڪرڻ، تقريب ۾ شامل سکر هائوس پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد زاهد شاھ بخاري، پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ جي ورڪر رضيه عباسي، ڪامران ۽ علائقي جون بيواھ مستحق غريب عورتون شامل هيون، تقريب کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد زاهد شاھ بخاري چيو آهي ته سکر هائوس جي قائدين اسلام الدين شيخ، نعمان اسلام شيخ، ارسلان اسلام شيخ ،جي بدولت مستحق عورتن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين ۽ جن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ناهن تن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪنداسين ۽ جيڪي پراڻي انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي وضيفو وٽن پيون ۽ ڪوڊ بند هجڻ جي ڪري وضيفو رڪجي ويو آهي تن جا ڪوڊ کولرائي وضيفي جي رقم لاءِ احل ڪرائبو، هن مهانگائي ۾ غريبن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي سکر هائوس جا قائدين جو مون سان وڏو سهڪار آهي،سکر ميئر ارسلان شيخ صاحب جي خاص تعاون سان ليبر ڪالوني ۾ مستحق عورتن جي سهولت لاءِ آفيس ٺاهي وئي آهي، جتي بااخلاق عزت ۽ احترام سان ڪفالت جا پورا پيسا ملي رهيا آهن، جڏهن ته مستحق بيواهه عورتن جيئي ڀٽو جا نعرا هڻي، سکر هائوس ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ زاهد شاهه بخاري کي دعائون ڏنيون.