سکر:بيگم نصرت ڀٽو ائيرپورٽ کان سکر ڊويزن مان ايندڙ مهيني 914 حاجي ڀلي پار ويندا. ان ڏس ۾

سکر: بيگم نصرت ڀٽو ائيرپورٽ کان سکر ڊويزن مان ايندڙ مهيني 914 حاجي ڀلي پار ويندا. ان ڏس ۾ ڪمشنر سکر ڊويزن غلام مصطفي ڦل جي صدارت هيٺ حاجين کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ، لاڳاپيل کاتن پاران تيارين، سيڪيورٽي سميت ٻين اپائن بابت اهم اجلاس ڪمشنر ڪيمپس آفيس سکر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ حج ڊائريڪٽوريٽ، پي آءِ اي، ايف آءِ اي، ائيرپورٽ سيڪيورٽي فورس، بيگم نصرت ڀٽو ائير پورٽ مينيجر، پوليس، صحت سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن غلام مصطفي ڦل چيو ته الله سائين جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ حج دين اسلام جو اهم فرض آهي جنهن تحت سمورا مسلمان پنهنجي رب اڳيان حاضري ڀري ديني فريضو ادا ڪندا. ان لاءِ اسان سڀني لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن جو فرض آهي ته حاجين کي هر ممڪن سهولتو فراهم ڪرڻ ۾ اڳڀرا ٿيون. ڪمشنر سکر سمورن کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ايندڙ مهيني حاجين جا روانگي واري نظام کي اڳ کان وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي.حاجين کي حج متعلق آگاهي سيمينار، گائيڊ لائن، سميت ٻين سهولتن لاءِ حج ڊائريڪٽوريٽ جي ضابط اخلاق مطابق اڳواٽ رٿا بندي ڪندي ڪم وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته حاجين جي سهولت لاءِ سوشل ميڊيا جي توسط سان آگاهي گروپ ٺاهي سندس موبائل فون ۽ تحريري طور سموريون هدايتون ۽ سعودي عرب ۾ قانون جي پاسداري جي حوالي سان اپائن تي سئو سيڪڙو عمل درآمد ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن ڊائريڪٽر ھيلٿ کي ھدايت ڏيندي چيو ته حاجين سڳورن جي روانگي کان پھريان ايئرپورٽ تي ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي وڃي. ان موقعي تي حج ڊائريڪٽوريٽ جي ڊائريڪٽر حج نور محمد سومرو ٻڌايو ته هن سال ايندڙ مهيني ۾ سکر کان 914 حاجي ڇھن فلائيٽن ذريعي ڀلي پار ويندا، ان سلسلي ۾ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ حاجين کي آگاهي ڏيڻ ۽ سعودي عرب جي قانون جي پاسداري ۽ ٻين اهم اپائن لاءِ حج ڪئمپ قائم ڪيو ويندو درخواست گذارن مان ويندڙ حاجين کي گائيڊ لائن لاءِ آفيسرن توڙي عملدران کي مقرر ڪيو ويندو جڏھن حاجين سڳورن کي مقرر وقت کان 02 ڏينھن اڳ حاجي ڪئمپ ۾ اچڻو پوندو .هن ايس ايس پي سکر، آيف آءِ اي، ائيرپورٽ سيڪيورٽي فورس، صحت سميت ٻين کاتن جا آفيسرن کان گهُر ڪئي ته حاجين کي بهتر اخلاقي رويي، پيار ۽ محبت سان دين اسلام جي فرض جي ادائيگي لاءِ روانو ڪرائڻ لاءِ حج ڊائريڪٽوريٽ سان ٻانهه ٻيلي ٿي هن ثواب جي ڪم ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن. اجلاس ۾ سمورن کاتن جي آفيسرن پنهنجي سهڪار جو يقين ڏياريو.