سکر:شاپ غريب آباد يونين سکر جي صدر لالا عابد کوکر کي سپريم ڪائونسل آف آل سکر سمال ٽريڊرز جو ميمبر چونڊيو ويو، تقريب شاپ غريب آباد يونين جي جنرل سيڪريٽري ظفر صديقي جي دوڪان ۾ ٿي، تقريب ۾ عھديدران شرڪت ڪئي. ان موقعي تي حاجي محمد رياض کوکر، عارف شيخ، عبدالرشيد قريشي، عبدالرحمان عباسي، وحيد لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي لالا عابد کوکر چيو ته واپاري ملڪ جي معيشت جي ترقي ۾ ريڙه جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، اهي ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن. ننڍن واپارين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بحيث يونين جي صدر ۾ غريب آباد جي سمورن واپارين سان گڏ بيٺو آهي ۽ مارڪيٽ جا مسئلا حل ڪري ٿو، چاهي ٽيڪس جو مسئلو هجي، امن امان جو مسئلو هجي يا صفائي جو مسئلو هجي. انهن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجون توانائيون خرچ ڪيون آهن، جيڪي نامزدگيون ڪيون ويون آهن ان کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، سکر اسان جو شهر آهي، ان جي سمورن واپارين جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندس،