سکر بيراج جي متاثر گيٽ نمبر 47 وٽ ڪيسيئن گيٽ لڳائڻ وارو ڪم به مڪمل

 سکر بيراج جي متاثر گيٽ نمبر 47 وٽ ڪيسيئن گيٽ لڳائڻ وارو ڪم به مڪمل، بئراج جي سمورن ڪئنالن جا گيٽ کوليا ويا. ان سلسلي ۾ سکر بئراج جي 47 هين نمبر گيٽ جي ڊيمج ٿيڻ واري مامري کان پوءِ سنڌ حڪومت سکر بئراج جي گيٽن جي بحالي لاءِ قدم کنيا آبپاشي کاتي سنڌ جو وزير ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهيڙو سکر 47 نمبر گيٽ جي بحالي واري ڪم جي نگراني ڪندا رهيا گزريل رات دير سان ڪسان گيٽ کي اولپر فيڪٽري لڳ درياهه مان هيوي مشينري ذريعي سکر بئراج جي 47 هين گيٽ ۾ لڳايو ويو. ان سموري پراسس جي نگراني سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهيڙو ڪندو رهيو، رات 3 وڳي ڌاري ڪسان گيٽ لڳائي پاڻي جي روانگي بحال ڪئي وئي. جڏهن ته سکر بئراج مان نڪرندڙ ست ئي ڪئنالن جا دروازا کوليا ويا. ان ڏس ۾ سنڌ  مانيٽرنگ ڪندو رهيو ۽ هدايتون ڏيندو رهيو. ان ڏس ۾ سيڪريٽري جو چوڻ هو ته سکر بئراج ملڪ جو اثاثو آھي جنهن کي بچائڻ لاءِ آبپاشي کاتي جا ملازم ۽ آفيسر ڏينهن رات جاڳي بئراج جي گيٽ جي بحالي لاءِ ڪم ڪيو آھي جيڪو سلسلو جاري آھي. سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهيڙو سڄي رات ماتحت آفيسرن ۽ عملي سان گڏ سکر بئراج تي موجود رهيو ڪسان گيٽ جي لڳائڻ واري ڪم جو جائزو وٺندي هدايتون ڏيندورهيو جيڪو سٺو عمل آھي، سکر بئراج جي سمورن ڪئنالن جي گيٽ کوليا ويا آھن ته جيئن آبادگارن کي فصلن جي پوکائي لاءِ پاڻي فراهم ٿئي.