سکر: جوابدارن ۽ ٽنڊو مستي پوليس جي مبينه ڏاڍاين خلاف خيرپور ضلعي جي ڳوٺ ڪولاب جيئل واسي مجاهد ابڙو۔مسمات راڻي

سکر: جوابدارن ۽ ٽنڊو مستي پوليس جي مبينه ڏاڍاين خلاف خيرپور ضلعي جي ڳوٺ ڪولاب جيئل واسي مجاهد ابڙو۔مسمات راڻي ۽ عادل ابڙو سکر پريس ڪلب ٻاران احتجاج ڪندي ٻڌايو آھي ته علي گوهر ابڙو کي 30 اپريل 2023 تي دل جو دورو پوڻ سبب گهر ۾ فوت ٿي ويو هو ان باوجود علي گوهر جي قتل جو ڪوڙو ڪيس مجاهد ابڙو۔نديم ۽ سجاد مٿان ٽنڊو مستي ٿاڻي تي داخل ڪرايو آھي جنهن بعد مجاهد ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد جوابدار ريشم علي۔عاشق۔منصب ۔نعيم ابڙو ۽ ٻين اسان جي گهر مٿان حملو ڪري اناج سميت ٻيو سامان کڻي ويا آهن واقعي جي رپورٽ داخل ڪرائڻ لاء ٽنڊو مستي ٿاڻي تي وياسين ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي موٽائي ڇڏيو آھي ۔هنن اعلي اختيارن کان جوابدارن ۽ ٽنڊو مستي ٿاڻي پوليس خلاف ڪاروائي ڪرڻ جومطالبو ڪيو آھي۔