سکر() سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ سکر آدم شاهه ڪالوني گهٽي نمبر چار جي رهواسين واحد بخش مهر ۽ ٻين طرفان سيپڪو خلاف داخل

سکر() سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ سکر آدم شاهه ڪالوني گهٽي نمبر چار جي رهواسين واحد بخش مهر ۽ ٻين طرفان سيپڪو خلاف داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي مشتمل ڊويزن بئنچ آڏو درخواستگذارن جي وڪيل عبدالرحيم مهر، مقصود علي دليل ڏيندي چيو ته سيپڪو سب ڊويزن بندر روڊ جي ايس ڊي او ٻه هفتا اڳ ناجائزي ڪندي مليٽري روڊ وٽ لڳل ٽرانسفارمر مان لنڪون لاهي آدم شاهه ڪالوني جي گهٽي نمبر چار جي 70 گهرن کي بجلي جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي، اهڙي زيادتي بابت علائقي واسي سيپڪو جي ڄاڻايل آفيس پهتا ته ايس ڊي او بجلي سپلاءِ بحالي لاءِ کين ٻه لک رپيا غيرقانوني رشوت جي رقم ڏيڻ جو چيو، جنهن کانپوءِ علائقي واسين لاڳاپيل انجنيئر جي آفيس پهچي سيپٽمبر 2024ع جي پيڊ ڪيل 50 کان وڌيڪ بلن جو رڪارڊ پيش ڪيو پر تنهن باوجود علائقي واسي بجلي فراهمي کان محروم آهن، جڏهن ته مليٽري روڊ ۽ آدم شاهه ڪالوني ۾ سيپڪو آفيسرن ۽ ملازمن جي ملي ڀڳت سان غيرقانوني ڪنڊا ڪنيڪشن هلائيندڙن کي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، عدالت درخواستگذارن جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 30 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي ڌر بڻايل سيپڪو چيف، ايڪسين سيپڪو سکر، ايس ڊي او سيپڪو بندر روڊ کي عدالت ۾پيش پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن