سکر نيو پنڊ جي رهواسڻ نوجوان ڇوڪري بااثر ماڻهن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب پهچي وئي، بااثر ماڻهن جي مبينا زيادتين خلاف متاثر ڇوڪري شمائلا يوسفزئي جي پريس ڪانفرنس، ان موقعي تي متاثرہ شمائلا يوسفزئي پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته مان ڪجهه سال اڳ هڪ اين جي او اوز ۾ ڪم ڪندي هوس، جڏهن اهو پراجيڪٽ مڪمل ٿيو ته مان فارغ ٿي ويس ۽ بي روزگار هيس جڏهن ته ماجد آرائين سان اسان جا گهرو تعلقات هئا 2017ع ۾ بااثر شخص ماجد آرائين منهنجي گهر ماني کڻي آيو ۽ سندس دڪان تي ڪم ڪرڻ لاءِ مونکي آڇ ڪئي ان وقت ماجد آرائين اسان جي گهر ماني کڻي آيو هيو ان ماني م دوا ملائي آيو هيو جيڪو اسان ٻنهي زال مڙسن کاڌو هن کي اها ماني کائڻ لاءِ چيو ته هن نه کاڌي جڏهن ته اهو کاڌو اسان کائڻ کان پوءِ بيهوش ٿي ويا سين ،ان وقت بااثر شخص ماجد آرائين مون سان جنسي زيادتي ڪري منهنجو نازيبا وڊيو ٺاهيو هو ،هي مونکي سالن کان بليڪ ميل ڪندي اڍائي لک رپين کان وڌيڪ پئسا وٺي چڪو آهي جڏهن ته هاڻي مون کان 10 لک رپيا گهري رهيو آهي نه ڏيڻ جي صورت م هو مونکي اهو نازيبا وڊيو وائرل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي،هن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته بااثر شخص ماجد آرائين خلاف ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.