سکر نیشنل پريس ڪلب نيوز/ایس ٽي پي تعلقي روهڙي جي نائب صدر ذڪريا سنڌي جي گهر جي پلاٽ تي بااثرن پاران مبينا قبضي خلاف سکر نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ان موقعي تي ايس ٽي پي جي ضلعي صدر نومي سنڌي،جنرل سيڪريٽري ظفر کوسو،ذڪريا سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ،احتجاج ڪندي اڳواڻن صحافين کي ٻڌايو ته تر جي بااثر حماد الله ٻرڙو جيڪو نامي گرامي ڌاڙيل آهي جنهن هٿيارن جي زور تي ڪنڌرا ۾ اسان گهر جي پلاٽ تي قبضو ويو آهي جنهن جي شڪايتون ايس ايس پي آفيس سکر ۾ ڪيون آهن پر پوءِ به پلاٽ تان بااثر جو قبضو خالي نه پيو ڪرائي ڏنو وڃي،هنن چيو ته حد جي پوليس به قبضا مافيا سان ملوث آهي پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ چيو سون ته پوليس قبضو ختم ڪرائڻ بجائي اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي،هنن ڊي آءِ جي سکر،ايس ايس پي سکر سميت وس وارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي اسان کي پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.