سکر: ٻٻرلوڀرسان ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن، 15 شڪي گرفتار، ڌاڙيلن جي ٿاڪن کي باهيون

 خيرپور پوليس جو ٻٻرلوءِ ڀرسان ڪيٽي پير پاڳارو جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن، پوليس آپريشن دوران 15 شڪي گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته آپريشن دوران ڏوهارين جي گھرن باھيون پڻ ڏنيون ويون. پوليس موجب ايس ايس پي خيرپور زبير نظير شيخ جي حڪم تي ڊي ايس پي ڪيٽي پير پاڳارو واري علائقي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس سان گڏيل ڪارروائي ڪندي آپريشن ۾ حصو ورتو. آپريشن دوران فيض محمد ٻنڊو، ٻٻرلوءِ، پريالوءِ، پيرڳوٺ سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس گڏيل ڪارروائي ڪئي پوليس موجب ڳوٺ مينگو خروس ۾ ڏوهارين جي ٺڪاڻن کي ھيوي مشينري سان ڊاهي پٽ ڪيو ويو،  علائقي ۾ سرچ آپريشن دوران 15 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي خيرپور زبير احمد شيخ چيو ته آپريشن جو مقصد عوام جي جان و مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ آهي، ڏوهارين خلاف ڪارروائيون جاري آهن، ضلعي اندر امن امان جي صورتحال کي تباھ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. شهرين کي پرامن ماحول ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي.