سکر: پريس ڪلب اڳيان آء بي اي يونيورسٽي سکرجي پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاء شھيد ڊاڪٽر اجمل ساوند جي وارثن ڊاڪٽر طارق ساوند

سکر پريس ڪلب اڳيان آء بي اي يونيورسٽي سکرجي پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاء شھيد ڊاڪٽر اجمل ساوند جي وارثن ڊاڪٽر طارق ساوند , وڪيل حاڪم جتوئي وڪيل سندر چاچڙ , وڪيل گل فيروز ڪلوڙ , حڪيم زنگيجو , ماجد ڏنور ۽ سڃاڻ ڌرين پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ھن سماج ۾ پڙھيل لکيل طبقي کي ھيسائڻ لاء ڊاڪٽر اجمل ساوند جھڙي تعليمدانن کي موت جي ور چاڙھيو پيو وڃي قبيلائي جھيڙن جي آڙ ۾ سنڌ جي نوجوانن کان تعليم ۽ شعور کسيو پيو وڃي جاگيرداراڻي نظام ۽ ڪڌن رسمن جي ڪري شعور ۽ تعليم جو قتل ٿي رھيو آھي ھنن چيو ته سنڌ صوفين , درويشن ۽ امن پسند ماڻھن جي ڌرتي آھي جنھن ۾ بي گناھ ماڻھن جو خون واھي ويڙھا ويران ڪيا ويا آھن ھنن چيو ته ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل کي چاليھ ڏھاڙا گذري ويا آھن پر ھن مھل تائين قاتلن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچڻ قاتلن کي سياسي پٺ ڀرائي ھجڻ جو ثبوت آھي ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان , چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ , آء جي سنڌ سميت ٻين اعلي اختيارين کان قاتلن جي فوري طور گرفتاري جومطالبو ڪيو آھي