سکر جي علائقي آباد ٿاڻي جي حد ۾ پوليس موبائل کي خطرناڪ روڊ حادثو پيش آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار فوت جڏهن ته 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. سي آءِ اي انچارج اياز کهڙو موجب جعفر آباد لنڪ روڊ تي شڪي گاڏي جو پيڇو ڪندي پوليس موبائل وڻ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار اشفاق شيخ ۽ عامر شيخ فوت ٿي ويا. پوليس موجب گاڏي جي ڊرائيور سميت ٻيا 5 ڄڻا به زخمي ٿي پيا آهن جن کي رينجرز اسپتال منتقل ڪيو ويو اهي. واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.