سکر: ۾ سينئير وٽرنري آفيسرن،وٽرنري آفيسرن۽ اسٽاڪ اسسٽنٽ جو اھم ھنگامي اجلاس ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رياض احمد عباسي جي صدارت۾ ٿيو .اجلاس ۾ روزاني ۽ مھيني جي ڪارڪردگي رپورٽ ڏيڻ جانورن کي وئيڪسين ڪرڻ واري مھم تيز ڪرڻ ميڊيسن جو رڪارڊ رکڻ ڊيوٽي دوران سمورو ريڪارڊ صحيح نموني ٺاھڻ سان گڏ فيلڊ ورڪ دوران پيش ايندڙ مشڪلاتن کي حل ڪرڻ جي لاء پڻ پلان جوڙيو ويو.جڏھن ته اجلاس۾ ڊاڪٽر عبداالفتاح چوھاڻ وٽرنري آفيسر کي روھڙي جي وٽرنري ڊسپنسري ۽ صالح پٽ جي چارج پڻ ڏني وئي آھي جڏھن ته سينئير وٽرنري آفيسر ڊاڪٽر جميل خان پٺاڻ کي وٽرنري سينٽر روپھر ٺڪراٽو تي رکيو ويو آھي. سينئير اسٽاڪ اسسٽنٽ ڊاڪٽر ھادي بخش کي ميٽنگ۾ نه اچڻ تي شوڪاز نوٽس ڏنو ويو آھي ان موقعي تي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رياض احمد عباسي سمورن سينٽرن جاھنگامي بنيادن تي اوچتا دورا ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آھي ته سڀئي وٽرنري آفيسرن،انچارجن کي حڪم ڏجي ٿو ته جتي اسپتال،سينٽر بلڊنگ آھن جيڪي رھائشي ڪوارٽر ٺھيل آھن ۽ ڪنھن ڪنھن کي الاٽ ٿيل آھن جن تي قبضه ٿيل آھن.انھن جي جلد رپورٽ ڏني وڃي