سکر: ۾ ناري فائونڊيشن ھاري عورتن جي قانون ۽ بنيادي حقن بابت جاڳرتا مھم شروع ڪري ڏني، پنوعاقل ۽ نئين سکر جي 35 ھارياڻين کي تربيت ڏني وئي. تربيتڪارن جو چوڻ آھي

سکر: ۾ ناري فائونڊيشن ھاري عورتن جي قانون ۽ بنيادي حقن بابت جاڳرتا مھم شروع ڪري ڏني، پنوعاقل ۽ نئين سکر جي 35 ھارياڻين کي تربيت ڏني وئي. تربيتڪارن جو چوڻ آھي تہ سنڌ ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جاحق قانون 2019ع جا ضابطا جوڙي ان تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. ناري فائونڊيشن، آواز فائونڊيشن پاڪستان ۽ فورم ايشيا جي سھڪار سان زراعت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي انساني ۽ بنيادي حقن بابت ڄاڻ وڌائڻ جي سري ھيٺ ڊيسينيٽ لاج ۾ ٻن ڏينھن وارو تربيتي پروگرام منعقد ڪيو. تربيتي پروگرام ۾ سکر ضلعي جي ٻن تعلقن نئون سکر ۽ پنو عاقل جي 35 ھارياڻين کي تربيت ڏني وئي. زراعت تربيتي پروگرام ۾ ڳالھائيندي آواز فاونڊيشن جي چيف ايگزيڪٽو ضيا الرحمٰن ۽ ڪمپين مينيجر مريم امجد چيو تہ پاڪستان ۾ 90 سيڪڙو عورتون مزدور طور ڪم ڪن ٿيون ۽ انھن مان 65 سيڪڙو زرعي شعبي سان سلھاڙيل آھن. زرعي پورھيو ڪندڙ عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ اجرت ڏني وڃي ٿي، 10 کان 12 ڪلاڪ جي مزدوري بعد کين رڳو 2 کان 300 رپيا اجرت ڏني وڃي ٿي. عورتن کي اڪثر وقت تي اجرت نہ ڏني ويندي آھي، کين ذھني اذيت مان گذرڻو پوي ٿو، اميد وارين عورتن کي آخري ھفتي تائين ڪم ڪرڻو پوي ٿو، مائرون پنھنجي ٿڃ پياڪ ٻارڙن کي ٻنينن ۾ گڏ کڻي وڃن ٿيون، ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ پورھيتن کي ڪنھن بہ قسم جو سماجي تحفظ سوشل سيڪيورٽي ۽ پيريءَ جي عمر ۾ مدد وارو فائدو اولڊ ايج بينيفٽ بہ نہ ٿو ڏني وڃي. پاڪستان ۾ سنڌ واحد صوبو آھي ، جتي ھاري عورتن جي حقن لاءِ 2019ع ۾ ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جاحق قانون وومينز ايگريڪلچر رائٽس ايڪٽ پاس ڪيو ويو، جنھن جي انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سڀني تنظيمن آجيان ڪئي ۽ ان کي ڀلو عمل سڏيو پر سنڌ ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جاحق قانون 2019ع جا ضابطا رولز آف بزنس نہ ھجڻ قانون تي عمل ۾ روڪ آھي. ناري فاونڊيشن جي افشان اصغر,انور علي مھر ۽ شازيہ عباسي چيو تہ ھي قانون ھاري عورتن کي تنظيمون ٺاھڻ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو وٺڻ جو موقعو بہ ڏئي ٿو پر جيستائين ان قانون جا ضابطا نہ ٺاھيا ويندا تيستائين اھو ممڪن ناھي. ان قانون جا ضابطا جلد ٺاھيا وڃن جئين ان تي عمل يقيني ٿي سگهي. فورم ايشيا، آواز فائونڊيشن پاڪستان ۽ ناري فائونڊيشن سکر ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جاحق قانون وومينز ايگريڪلچر رائٽس ايڪٽ 2019ع بابت جاڳرتا مھم شروع ڪئي آھي، جنھن جو مقصد ان قانون موجب پورھيت عورتن کي مردن جيتري اجرت ڏيارڻ، پورھيت عورتن کي سوشل سيڪيورٽي ۽ ٻين سماجي تحفط وارن سرڪاري پروگرامن مان فائدو وٺڻ جي تربيت ڏيڻ آھي. ان مھم ۾ عورت ھاري تنظيمون ٺاھيون وينديون ۽ سنڌ جي پارليامينٽرينسان ملاقاتون ڪري کين چيو ويندو تہ اھي پنھنجي ٺھيل قانون تي عمل کي يقيني بڻائين.