ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ پاڪستان جا پرچم هئا جيڪي پاڪستان زندا آباد جي نعريبازي ڪري رهيا هئا, رينجرس هيڊڪوارٽر پهچي سيڪيورٽي تي مقرر جوانن مٿان گل نڇاور ڪيا, ريلي جي رهنمائي ڪندڙ محمد بچل مهر، ارباز عباسي، اسماعيل سومرو، ضمير گهنڃو، ممتاز مهر، ۽ ڪاشف شاھ ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪ فوج ملڪ لاءِ بيشمار قربانيون ڏنيون آهن،ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملهائي گڏ بيٺي آهي،پاڪ فوج دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي مطابق حوصلو رکي ٿي،۽ ڪڏهن به پنهنجي وطن لاءِ جان قربان ڪرڻ کان نه ڪيبائينداسين،پاڪ فوج خلاف گندي زبان استعمال ڪرڻ وارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، اسين پاڪستاني عوام پاڪ فوج سان هر مشڪل وقت ۾ سدائين گڏ آهيون.