سکر: ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي،پاڪ فوج زندھ باد جا نعرا هنيا،ريلي ۾ شامل شھرين رينجرز پڪٽس تي موجود جوانن مٿان گلن جي ورکا ڪندي کين خراج تحسين پيش ڪيو ۔ريلي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي اڳواڻن چيو ته پاڪ فوج ملڪ لاء وڏيون قربانيون ڏنيون آھن،شرپسند ۽ ملڪ دشمن عناصر پاڪ فوج خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، پاڪ فوج سان ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام گڏ بيٺل آهي، پاڪ فوج خلاف مهم هلائيندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي جرئت آهي. پاڪ فوج خلاف گندي زبان برداشت نه ڪئي ويندو۔