سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته شادي جي وقت يا ڌار ٿيڻ کان اڳ زال کي ڏنل تحفا واپس نٿا وٺي سگهجن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شادي جي وقت يا ڌار ٿيڻ کان اڳ زال کي ڏنل تحفن جي واپسي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف شهري ارشد جميل جي درخواست کي رد ڪندي فيملي اپيل تي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته شادي جي وقت يا ڌار ٿيڻ کان اڳ زال کي ڏنل تحفا واپس نٿا وٺي سگهجن. شادي جي دوران ڏنل تحفا زال جي ذاتي ملڪيت بڻجي ويندا آهن.