شاهه محمود قريشي جي ٿري ايم پي او تحت نظربندي ڪالعدم قرار، آزاد ڪرڻ جو حڪم

لاهور: هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ شاهه محمود قريشي جي ٿري ايم پي او تحت نظربندي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيندي کيس فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.لاهر هاءِ ڪورٽ ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي نظربندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ جي جسٽس چوڌري عبدالعزيز ٻڌڻي ڪئي.راولپنڊي بينچ شاهه محمود قريشي جي ٿري ايم پي او تحت نظربندي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيندي کيس فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ريمارڪس ڏنا ته ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي ڇڏي ڏيو مستقبل ۾ ائين نه ٿيڻ گهرجي هر شيءَ مذاق نه هوندي آهي.