خيبرپختونخواهه جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر سيف چيو آهي ته شريف خاندان ۾ وزيراعظم جي عهدي لاءِ جنگ جاري آهي، راجڪماري جا وهندڙ ڳوڙها شريف خاندان ۾ اختلافن جو ثبوت آهن. بيرسٽر سيف چيو ته راجڪماري چوي ٿي ته کيس ڪم نه پيو ڪرڻ ڏنو وڃي. اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي ڪم نه پيو ڪرڻ ڏئي، اوهان جي چاچي ۽ پيءُ جي حڪومت ۾ آخر اها فرياد ڇو؟ هن چيو ته نوازشريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بنجڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. نوازشريف گروپ بمقابله شهباز شريف گروپ جو پاڻ ۾ جهيڙو جاري آهي. شهباز شريف جي ڳچي اسحاق ڊار ۽ رانا ثناءُالله ذريعي دٻائي وئي آهي، مريم نواز جو حدف به شهباز شريف ۽ ان جي حڪومت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪرسي جي انهي اندروني جهيڙي ۾ عوام رلي ويو آهي، مريم نواز جو سمورو ڌيان پي ٽي آءِ جي عورت ڪارڪنن ۽ عمران خان جي خلاف انتقامي ڪارروائين تي آهي. بيرسٽر سيف چيو ته مريم نواز تمام جلد اڊيالا جيل ۾ قيد جي سزا ڪاٽي رهي هوندي. پنجاب جهڙو اهم صوبو غير سنجيده ٽڪ ٽاڪر سهيلين جي حوالي ڪيو ويو آهي.