شهباز شريف کي هٽائڻ، بلاول کي آڻڻ لاءِ ايوان صدر ۾ ڳجهيون ملاقاتون ٿي رهيون آهن: بيرسٽر سيف

خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بيرسٽر سيف چيو آهي ته شهباز شريف کي هٽائڻ ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي آڻڻ جي لاءِ ايوان صدر ۾ ڳجهيون ملاقاتون ڪيون پيون وڃن. صوبائي اطلاعات واري صلاحڪار بيرسٽر سيف پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري شيرواني پائڻ جي لاءِ سموريون ڪوششون ڪري رهيو آهي، پيءُ، پٽ وزيراعظم جي ڪرسي لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن.   هن چيو ته آصف علي زرداري پنهنجي پٽ کي وزيراعظم بنائڻ جي ڳجهي مشن تي آهي، صدر  جعلي مينڊيٽ جي بجاءِ اصلي مينڊٽ تي پٽ کي وزيراعظم بنائي، شريف ۽ زرداري خاندان چوري ٿيل مينڊيٽ تي ڪرسي جا  مزا ماڻي رهيا آهن. بيرسٽر سيف وڌيڪ چيو ته آصف زرداري ياد رکي ته چوري ٿيل مينڊيٽ جي خلاف اسان جي تحريڪ آخري انجام تي پهچڻ واري آهي، عوام جي راءِ جي ابتڙ جيڪو به وزيراعظم ايندو اهو پنهنجي آخري انجام تي ضرور پهچندو.