سمس اسپتال شھدادپور ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو غائب گوشت کائڻ سبب پيٽ جي سور۾ مبتلا نوجوان پورھيت جو سيکڙاٽن علاج نہ ڪندي کيس گوري بہ نہ ڏني ڪميشن جي چڪر ۾ ايمبولنس مافيا ھٿان کيس حيدرآباد ريفر ڪندي نوجوان رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو. وارثن جو احتجاج جانچ ڪرائڻ جو مطالبو رپورٽ موجب سمس اسپتال شھدادپورجي ايمرجنسي وارڊ سميت ٻين وارڊن ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو غائب رھڻ روز جو معمول بڻجي ويو. سيکڙاٽن جي لوڌ ھئڻ سبب اسپتال شفا گھر بجاء ڪوس گھر بڻجي وئي رات دير سان قرباني جو گوشت کائڻ سبب پيٽ جي سور۾ مبتلا الھيار ٽائون جو رهواسي نوجوان پورھيت سلام خاصخيلي کي سمس اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو ويو جتي ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو معمول جيان غائب رھندي ايمرجنسي شعبي جو ڪاروھنوار سيکڙاٽن ۽ ايمبولنس مافيا جي حوالي ٿيل ھوندي سيکڙاٽن پيٽ جي سور ۾ مبتلا نوجوان جو علاج نہ ڪندي کيس هڪڙي گوري بہ نه ڏني، جڏهن ته ڪميشن جي چڪر۾ ايمبولنس مافيا ھٿان کيس ليٽر ٺاھي حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو، پيٽ جي سور ۾ مبتلا نوجوان ايمبولنس اندر تڙپي تڙپي رستي ۾ ئي فوت ٿي حياتي وڃائي ڇڏي ان سلسلي ۾ فوتي نوجوان جي سوٽ آصف خاصخيلي احتجاج ڪندي ٻڌايو تہ سمس اسپتال ۾ مقرر ڊاڪٽر توڙي عملوغائب رھندي سمس اسپتال سياسي اوطاقن جي سفارشي سيکڙاٽن حوالي ٿيڻ ڪري شفا گھر بجاء ڪوس گھر بڻجي وئي آھي منھنجي سوٽ کي پيٽ ۾ سور پوڻ ڪري رات دير سان کيس سمس اسپتال جي ايمرجبسي شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽر توڙي عملو غائب ھو ۽ اسپتال سياسي اوطاقن جي سيکڙاٽن ۽ ايمبولنس مافيا جي حوالي ھئي جن اسان غريبن جي ھڪ بہ ٻڌي ۽ پيٽ جي سور ۾ مبتلا نوجوان سوٽ کي ھڪ گوري بہ ڏني ۽ اسان جو سوٽ بيڊ تي پيٽ جي سور ۾ تڙپندو رھيو پر علاج نہ ڪيو ويو ۽ اسان جي سخت احتجاج بعد سيکڙاٽن ۽ ايمبولنس مافيا ڳٺ جوڙ ڪري ڪميشن جي چڪرن ۾ اچي پيٽ جي سور ۾ مبتلا نوجوان کي فجر ويل حيدرآباد ريفر ڪرڻ جو ليٽر ھٿ ۾ ڏئي زوري اسپتال مان ڪڍي ريفر ڪري ڇڏيو ۽ پيٽ سور ۾ مبتلا سوٽ ايمبولنس ۾ حيدرآباد نيندي رستي ۾ ئي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. ھنن اعليٰ اختيارين کان جانچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي انصاف جي گھر ڪئي آھي.