شهدادپور ڀرسان تيز رفتار موٽر سائيڪل ۽ ڪار ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

شھدادپور ڀرسان مقصودو رند ۾ العباس ڪاٽن فيڪٽري وٽ تيز رفتار  موٽر سائيڪل  ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار   20 ورهين جو نوجوان وسيم ولد بابو پڄارو ۽ سندس ڀيڻ 30 ورهين جي ڪونج  زال رسول بخش  ٿڏي تي فوت ٿي ويا. حادثي ۾ فوت ٿي ويل ڀاءُ ڀيڻ ڳوٺ رسول بخش پنڃارو جا رھواسي ھئا. ٻنھي فوتين جا لاش سمس اسپتال آندا ويا جتان ضروري ڪاروائي بعدوارثن حوالي  ڪيا ويا. اهڙي اطلاع کان پوءِ فوتي جي وارثن ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي آهي.