شهدادپور: چوري لاءِ گهرن ۾ داخل ٿيندڙ چورن ۽ ڀاڳين ۾ فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، 2 سخت زخمي

 شھدادپور لڳ پرھ ڦٽيءَ ڌاري چوري ڪرڻ لاء گھرن ۾ داخل ٿيندڙ چورن ۽  ڀاڳين وچ  ۾ سخت  مزاحمت  ٿيڻ تي چورن جي پنھنجي مبينہ فائرنگ ۾ سندن ئي چور ساٿي گولي لڳڻ سبب  قتل  2 ڀاڳيا سخت زخمي قتل ٿيل چور ساٿي کي ڇڏي فرار ٿي ويا، سڃاڻپ نہ ٿي سگهي. رپورٽ موجب شھدادپور ۾  ملدسي روڊ تي ڳوٺ گلڻ سولنگي لڳ زميندار ڄام مڪن جي زمين تي ويٺل پپو ۽ کيتو  ڪولھي  جي گھرن ۾ 5 نامعلوم چور چوري ڪرڻ لاء  گھڙي  اچڻ بعد گھر ڌڻين جي سجاڳ ٿيڻ ۽ گھرن ڀرسان بصر تي چوڪي  ڏيندڙ ھاري ڀاڳين  پاران چورن سان سخت مزاحمت ڪرڻ  تي چورن جي ئي مبينہ ڪيل فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب سندن ئي هڪ  ساٿي چور مارجي ويو، جنھن جي لاش  کي سندن ئي چور ساٿي ڇڏي فرار ٿي ويا. جڏھن تہ فائرنگ سبب ھاري ڀاڳيا کيتو ڪولھي ۽  پپو ڪولھي سخت زخمي ٿي پيا اھڙي  اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل چور جو لاش  ۽ زخمي ڀاڳين کي سمس اسپتال آندوويو.زخمي  ھاري ڀاڳين پپو ۽  کيتو ڀيل جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جڏھن تہ  مارجي ويل چور جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، شهدادپور شهر ۾ چورين ڦرن  ۽  ٻين ڏوھي وارداتن جي آزار ۽ اھڙي واقعي بعد علائقي اندر ڏھڪاء پکڙجي ويو آھي. پوليس واقعي جي رپورٽ داخل ڪري جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي.