شهدادڪوٽ ۾ پلاٽ جي معاملي تان سُهري گوليون هڻي ناٺي کي قتل ڪري ڇڏيو

شهدادڪوٽ ڀرسان بهرام ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل محمد چچا ۾ سُهري گوليون هڻي ناٺي کي قتل ڪري ڇڏيو، ڇڪتاڻ وڌي وئي. ڳوٺ گل محمد چچا ۾ مبينا پلاٽ جي معاملي تان سُهري معشوق کوسو گوليون هڻي ناٺي طارق کوسو کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول طارق کوسو جو لاش ميرو خان  اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. واقعي کان پوءِ هلندڙ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ علائقي واسين قرآن پاڪ کڻي رتوڇاڻ روڪڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڏنيون آهن.