وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته شهيدن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي وساري نٿا سگهون. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته دهشتگردي ملڪ جي لاءِ ناسور بڻجي چڪي آهي، جڏهنت ه شهيد ۽ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي وساري نٿو سگهجي. هن چيو ته دهشتگردي جو آخري حد تائين پيڇو ڪنداسين، ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪنداسين. شهباز شريف چيو ته اسان جا بهادر جوان ملڪ جي سلامتي لاءِ حياتيون قربان ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ دشمن عناصرن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بنائي رهيا آهن اڄ جو فيصلو ڪندڙ وقت اهو گهر ڪري رهيو آهي ته اسان سوال ڪريون ته ڪير ڪنهن سان گڏ بيٺل آهي. اڄ هن ملڪ جي 25 ڪروڙ عوام پاڪستان ۽ ان جي سلامتي محافظن، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺل آهي.