شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل خلاف پي ايف يو جي ۽ ايڇ يو جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي برادري سراپا احتجاج بڻيل

ميرپورماٿيلو جي سينئر صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل واقعي خلاف پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلٽس ۽ ايڇ يو جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي برادري، واپاري، شهري، سول سوسائٽي ۽ ٻيا سراپا احتجاج بڻيل آهن. ٺٽو ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل خلاف ايڇ يو جي ۽ پي ايف يو جي سڏ تي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري زوردار نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج جي اڳواڻي ضلعي صدر منصور جلالاڻي، پريس ڪلب ٺٽو جي صدر اقبال چانڊيو، سينئر صحافي ڊاڪٽر شاهد صديقي، اسماعيل ميمڻ، خدا بخش دلواڻي، نظير قريشي، خدا بخش بروهي ۽ ٻين طرفان ڪئي وئي. جڏهن ته پريس ڪلب ٺٽو تي ڪارا جهنڊا پڻ لڳايا ويا سجاول ۾ به شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل خلاف پريس ڪلب سجاول کان پبلڪ پارڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين ۾ شهري، سياسي سماجي تنظيمن ۽ صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. مظاهري کي خطاب ڪندي اڳوانڻ چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي هڪ بهادر ۽ بيباڪ صحافي هو هو حق ۽ سچ لکڻ وارو قلمڪار هيو هن هميشه ظلم خلاف غريب ۽ بيوس ماڻهن جو  آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچايو دادو ۾ به پي ايف يو جي ۽ دادو پريس ڪلب طرفان شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جڏهن ته  پريس ڪلب تي ڪارو جهنڊو پڻ چاڙهيو ويو ڀان سيدآباد پريس ڪلب طرفان شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو پريس ڪلب ڀان تي ڪارو جهنڊو پڻ چاڙهيو ويو. ان مقعي تي سينئر صحافي ذوالفقار مينگل، آصف علي ميمڻ، پرديپ ڪمار، اڪرم ميمڻ سميت ٻين صحافين احتجاج کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي سنڌ جي مظلوم عوام جو آواز هو جنهن ڀوتارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن کي للڪاريو هو، صحافي نصرالله گڏاڻي گهوٽڪي جي بااٿر وڏيري جي پٽ کي غيرقانوني پروٽوڪول ملڻ تي وڊيو به رڪارڊ ڪئي جنهن سبب ان تي باثر جي گارڊن فائرنگ ڪئي جنهن سبب صحافي شهيد ٿي ويو.  هنن وڌيڪ چيو ته 4 ڏينهن گذرڻ باوجود به صحافي نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. سنڌ ۾ صحافي غير محفوظ بڻجي ويا آهن. مٽياري ۾ جسقم پاران شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته سنڌ ۾ جيڪو به حق سچ لکي ۽ ڳالهائي ٿو ان کي ڳولي ڳولي ماريو پيو وڃي. نصرالله گڏاڻي هميشه سنڌ جي غريب مسڪين ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين تي بهادري سان آواز بلند ڪيو هو. جيڪب آباد ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين، سياسي سماجي قومپرست، مذهبي وڪيلن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان کان علاوه سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ به شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيا ويا آهن جن ۾ گاجي کهاوڙ، ڪنڌڪوٽ، خيرپورناٿن شاهه، جهڏو، قاضي احمد، جوهي، بلڙي شاهه ڪريم، سيتا روڊ، بدين، شڪارپور، ماتلي، ڦلجي اسٽيشن، مٽياري ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.