اسلام آباد جي عدالت شير افضل مروت جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. اسلام آباد جي جوڊيشل مئجسٽريٽ نصيرآباد ٿاڻي جي هڪ ڪيس ۾ شير افضل مروت جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا عدالت حڪم ڏنو ته شير افضل مروت کي گرفتار ڪري 30 جولاءِ تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. شير افضل مروت تي ٽهليان موٽروي انٽرچينج ڀرسان پلاٽ تي بنا منظوري جي تعميرات ڪرڻ جو الزام آهي. شير افضل مروت جي گرفتاري جا وارنٽ سول جج ڊاڪٽر محمد ممتاز بنجرا عدالت مان غير حاضري تي جاري ڪيا. شير افضل مروت جي خلاف نصيرآباد ٿاڻي ۾ راولپنڊي ڊوالپمينٽ اٿارٽي(آر ڊي اي) ڪيس داخل ڪري رکيو آهي. عدالت ايس ايڇ او نصيرآباد کي ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽ تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شير افضل مروت کي 30 جولاءَ تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.