شيطان به مشهور آهي پر فرشتو نٿو بڻجي سگهي، پاپولر هجڻ جو مطلب بي گناهي نه آهي: طلال چوڌري

گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌي چيو آهي ته شيطان به مشهور آهي پر اهو ڪڏهن به فرشتو نٿو بڻجي سگهي پاپولر هجڻ جو مطلب بي گناهي نه هوندو آهي قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي طلال چوڌري چيو ته شيطان به تمام گهڻو مشهور آهي پر اهو فرشتو نٿو بڻجي سگهي، جيڪڏهن اڊياله جيل وڃڻو هو ته هتي ڇو آيا هئا، بهانا ڪيا پيا وڃن، مشهور ٿيڻ جون ڳالهيون هر ڀيري ڪيون وينديون آهن پر پاپولر هجڻ جو مطلب هرگز بي گناهي نه آهي هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته اوهان کي تڪليف ڪهڙي آهي ٽي ٽي پي جي دهشتگردن کي هتي آڻي ڪنهن ويهاريو هو، اوهان دهشتگردن سان گڏ آهيو يا رياست سان گڏ؟ جنهن صوبي ۾ 700 ارب اين ايف سي ورتو هجي انهي سي ٽي ڊي ٺاهڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو مملڪتي وزير چيو ته ڪوبه نئون آپريشن نه ٿي رهيو آهي پر نيشنل ايڪشن پلان جي تحت ڪارروايون ڪنهن جو پيءُ به نٿو روڪي سگهي. طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته دهشتگرد حملا انهن تي ناهن ٿيندا ٻين سمورين پارٽين تي ٿيندا آهن، ڪوبه نئون آپريشن نه ٿي رهيو آهي پر نيشنل ايڪشن پلان جي تحت ڪارروايون ڪنهن جو پيءُ به نٿو روڪي سگهي هن چيو ته امام حسين عه جي چاليهي تي زائرين جو وڏو انگ ايران ويندو آهي پر ايران، اسرائيل جنگ کان پوءِ ڪجهه سيڪيورٽي مسئلا پيدا ٿيا آهن انهي کان پوءِ زميني رستي تان وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي انهي بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهن.