عام چونڊن ۾ پي پي کي سرپرائيز شڪارپور جون اهم شخصيتون جتوئي ڀائر اڳوڻو ايم اين اي ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي ۽ اڳوڻو ايم پي اي مير عابد حسين جتوئي، پنهنجي خاندان جي بقايا فردن سميت جي يو آء ۾ شامل ٿي ويا علامه راشد محمود سومرو ۽ ٻين جي يو آئي جي صوبائي، ضلعي اڳواڻن جي موجودگي دوران پرھجوم پريس ڪانفرنس ۾جتوئين ڀائرن جي يو آئي ۾ شموليت جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو, ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي چيو ته جي يو آءِ قيادت طرفان دعوت ڏيڻ تي ٿورائتو آهيان مولانا فضل الرحمان ۽ راشد محمود گڏجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪنداسين. راشد محمود سومرو پريس ڪانفرنس ۾ ڳالھائيندي چيو ته جتوئي ڀائرن جي شموليت سان جي يو آءِ کي طاقت ملي آهي انشاء الله شڪارپور ۾ سڀني سيٽن تي ڪلين سوئيپ ڪنداسين. ۽ توهان کي خوشخبري ڏئي رھيو آھيان ته شموليت جو سلسلو ھلندڙ آهي سڀاڻي ۽ ٻئي ڏينھن به اوھان کي خوشخبري ڏينداسين صحافين طرفان پڇيل سوال جي جواب ۾ راشد محمود سومرو چيو ته ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي ھاڻي جي يو آءِ جو حصو آهي ۽ جي يو آءِ جي قيادت جيڪو فيصلو ڪندي ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي قبول ڪندو. علامه راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي بقا لاءِ اسان روز اول کان جدوجهد ڪري رهيا آهيون، انشاءﷲ جيستائين سنڌ کي واڳن جي ھٿان آزاد نه ڪرائينداسون تيستائين جدوجهد جاري رکي ويندي، ان موقعي تي علامه ناصر محمود سومرو، مولانا عبدﷲ مھر، مفتي سعود افضل ھاليجوي، مولانا محمد صالح انڍڙ، حافظ رفيق احمد شر، مولانا محمد طيب ميکو ۽ ٻيا شريڪ هئا.