شڪارپور پوليس رستم ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ ڏوھارين سان مقابلي دوران 4 مغوي بازياب ڪرائي ورتا. شڪارپور پوليس اھم ڪاروائي دوران مغوي محمد عمر قريشي، محمد آصف قريشي، بادشاھ قريشي ۽ مير حسن جاگيراڻي کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو آھي 10 ڏينھن اڳ رستم ٿاڻي جي حد مان ڌاڙيلن مسافر وين مان 3 مسافرن آصف، بادشاھ، عمر قريشي ۽ 2 مئي تي مير جاگيراڻي کي اغوا ڪيو ھو. اغواء ڪار ڏوھاري مغوين کي رستم ڪچي جي علائقي ۾ ھڪ جڳھ کان ٻئي جڳھ تي منتقل ڪري رھيا ھئا تہ پوليس ۽ ڏوھارين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي وئي. فائرنگ جي ڏي وٺ بعد اغوا ڪار مغوين کي ڇڏي ڀڄي ويا. ڀڄي ويل ڏوھارين جي گرفتاري لاء پوليس علائقي کي گھيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. مغوين جي باحفاظت بازيابي تي وارثن ۾ خوشي جي لھر پکڙجي وئي ۽ ايس ايس پي امجد احمد شيخ سميت پوليس پارٽي جو ٿورو ادا ڪيو.