صدارتي ايوارڊ ماڻيندڙ سنڌ جو مشهور شاعر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر ذوالفقار علي سيال ڪجهه وقت بيمار رهڻ کان پوءِ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر ذوالفقار علي سيال پيپلز پارٽي جي اڳوڻي صوبائي اسيمبلي ميمبر انور علي سيال جو چاچو هو، هو گذريل ٻن هفتن کان ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. ذوالفقار علي سيال مئي 1857ع ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي باقراڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو هن ڄامشورو جي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي مان ايم بي بي ايس جي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي کان ڪيريئر شروع ڪيو. ڊاڪٽر ذوالفقار علي سيال شاگردي واري دور کان ئي شاعري شروع ڪري ڇڏي هئي هن 30 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا. سندس لکيل ڪيترن ئي گيتن کي سنڌ جي مشهور ۽ ڪلاسيڪل گلوڪارن ڳايو ۽ ان جا ڳايل گيت ريڊيو پاڪستان سميت پاڪستان ٽيلي ويزن(پي ٽي وي) تي نشر ٿيندا رهيا. ڊاڪٽر ذوالفقار علي سيال ريڊيو ۽ پي ٽي وي تي پروگرامن جي ميزباني به ڪندو رهيو جڏهن ته هن ڪراچي جي سول اسپتال ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج سميت ٻين اسپتالن ۾ بطور ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ(ايم ايس) به خدمتون انجام ڏنيون. ڊاڪٽر ذوالفقار علي سيال سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري رهڻ سميت ٻين ادبي تنظيمن جو اڳواڻ به رهيو جڏهن ته پاڪستان جي حڪومت طرفان کيس سندس خدمتن عيوض صدارتي ايوارڊ سان به نوازيو ويو. ڊاڪٽر ذوالفقار علي سيال کي وڏي عمر هجڻ سبب ڪيترين ئي طبي بيمارين سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو جتي هو 14 فيبروري تي لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر ذوالفقار علي سيال جي تدفين سندس اباڻي ڳوٺ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪئي وئي، سندس جنازي نماز ۾ صوبائي ثقافت واري وزير سميت ٻين اهم شخصيتن به شرڪت ڪئي.