سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جي طبيعت ۾ هاڻ بهتري اچي رهي آهي. شرجيل ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته صدر آصف علي زرداري کي دبئي منتقل ڪرڻ جون خبرون صحيح نه آهن، اهو جلد مڪمل صحتياب ٿيندو. ياد رهي ته صدر آصف زرداري کي نوابشاهه کان ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي ان جا ميڊيڪل ٽسٽ ڪيا ويا، استپال ذريعن موجب صدر آصف زرداري کي انفيڪشن ۽ بخار جي ڪري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف به صدر آصف علي زرداري سان فون تي رابطو ڪيو ۽ ان جي خيريت پڇا ڪئي. وزيراعظم چيو ته سموري قوم جون دعائون اوهان سان گڏ آهن، الله اوهان کي جلد کان جلد صحت عطا فرمائيندو، ٻئي طرف سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري صدر آصف علي زرداري جي معالج ڊاڪٽر عاصم کي فون ڪيو ۽ صدر جي خيريت پڇا ڪئي، ان سان گڏ ئي هن نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.