پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته سنڌو درياءَ تي ڪينالن جي منظوري صدر آصف زرداري پاڻ ڏني آهي، جيڪا لکت ۾ موجود آهي، انهي معاملي تي سنڌ ۾ سياست تڪليف ڏيندڙ آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته عوام کي بجلي جي قيمتن ۾ رليف ڏيڻ شهباز شريف جو تاريخي قدم آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هڪ ٻئي وڏي خوشخبري عوام کي ڏينداسين. آءِ ايم ايف خط لکندڙن ملڪ کي سريلنڪا بنائڻ چاهيو ٿي، جيڪي ناڪام ٿي ويا، بلاول ڀٽو کي ڪينالن جي معاملي تي تقرير ڪرڻ جي بجاءِ وفاق جي سامهون مسئلي کي رکڻ گهرجي. پنجاب جي اطلاعات واري واري پي ٽي آءِ کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪرپشن جو عجيب ڪهاڻيون سامهون اچي رهيون آهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو ٽڪڙن ۾ ورهائجي هڪ ٻئي جي ڪرپشن جا پول پڌرا ڪري رهيا آهن، گنڊاپور جي ته ڪرسي خطري ۾ آهي، جنهن لاءِ هو عزت بچائڻ جي لاءِ وفاق تي چڙهائي جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي هاڻ اسان سندس ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا نه آهيون. عظميٰ بخاري بلاول ڀٽو طرفان ڪينال جي معاملي تي تقرير حوالي سان چيو ته ڀارت پنهنجو حصو آباد ڪري ڇڏيو آهي، پنجاب جو پاڻي ڪيئن ورهائڻو آهي، انهي بابت فيصلو ڪرڻو آهي، ٻوڏ جي ڏينهن ۾ پاڻي ضايع ٿيندو آهي ته انهي کي اسٽاڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته رمضان سهولت بازار ۾ هڪ ارب 11 ڪروڙ روپين جي عوام کي شين تي بچت ٿي، 3 ارب 57 ڪروڙ روپين جي رمضان بازارن ۾ خريداري ٿي، 28 هزار ماڻهن 3 ڪروڙ روپين جي فري هوم ڊليوري جي آڇ تحت رمضان بازار مان سامان گهرايو.عظميٰ بخاري چيو ته 13 نيون سهولت بازارون آگسٽ تائين ٺاهينداسين پنجاب ۾ اوورچارجنگ ڪرڻ تي ٽرانسپورٽرز کي 22 لک روپيه ڏنڊ لڳايو ويو جڏهن ته 11 لک روپيه مسافرن کي واپس ڏياريا ويا.