صنم جاويد سينٽرل جيل گوجرانولا مان آزاد ٿيندي ئي ٻيهر گرفتار

 پي ٽي آءِ جي ڪارڪن ۽ سوشل ورڪر صنم جاويد کي سينٽرل جيل گوجرانوالا مان آزاد ٿيندي ئي اسلام آباد پوليس گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وئي. رپورٽ موجب صنم جاويد کي اڄ سينٽرل گوجرانوالا مان عدالتي حڪم تي آزاد ڪيو ويو. دهشتگردي جي انت واري عدلات جي جج نعيم سليم لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ان کي آزاد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا پر جيل مان ٻاهر نڪرندي ئي کيس اسلام آباد پوليس گرفتار ڪري ورتو ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ صنم جاويد کي 9 مئي جي ڪيسن مان بري ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. رپورٽ موجب وڪيل عدالتي حڪمن سان جيل پهتا، جيل انتظاميه قانوني ڪارروائي مڪمل ڪندي صنم جاويد کي آزاد ڪري ڇڏيو پر ان جي آزادي کان اڳ ئي اسلام آٻاد پوليس جي وڏي نفري، گوجرانوالا پوليس جيل جي ٻاهر بيٺل هئي جيڪي صنم جاويد کي ٻاهر نڪرندي ئي پاڻ سان گڏ کڻي ويا. صنم جاويد جي آزادي ۽ گرفتاري وقت گوجرانوالا جيل اچڻ ۽ وڃڻ وارا سمورا رستا اٺن ڪلاڪن تائين بند رهيا، اسلام آباد پوليس صنم جاويد جي ٻيهر گرفتاري وقت ڪنهن به ماڻهو ايستائين جو سندس گهر ڀاتين کي به صنم جاويد  وٽ پهچڻ نه ڏنو ۽ نه ئي وري گرفتاري جو ڪو سبب ٻڌايو.