صوبائي وزير بحالي ۽ چيئرمين پي ڊي ايم اي سنڌ مخدوم محبوب الزمان اڄ نياز اسٽيڊيم لڳ ڊسٽرڪٽ اسٽيشن سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس 1122 حيدرآباد جي نئين بلڊنگ جو افتتاح ڪيو _ ان موقعي تي مخدوم محبوب الزمان کي ريسڪيو 1122 ڊائريڪٽرجنرل عابد جلال الدين شيخ ايمرجنسي آپريشن ڪنٽرول روم، ريسڪيو مشينري، فائربرگيڊ سميت ٻين آلات بابت تفصيلي آگاهي ڏني. ان موقعي تي صوبائي وزير بحالي مخدوم محبوب الزمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ايمرجنسي ريسڪيو سروس سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ 1122 ايمرجنسي سروس جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول يونٽ جي ڪارڪردگي کي ڏسي ان جي سروسز کي وڌيڪ ڦهلائڻ جو فيصلو ڪيوويو آهي جڏهن ته اڄ حيدرآباد ايمرجنسي ريڪسيو ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول يونٽ جو افتتاح ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير چيو ته ڪراچي سميت هاڻي اسان ڊي ايڇ اي جي شهرين کي پڻ اها سروسز فراهم ڪري رهيا آهيون. ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ باهه لڳڻ ۽ بلڊنگ ڊهڻ جي افسوسناڪ واقعن ۾ ايمرجنسي ريسڪيو 1122 پنهنجي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي هن ريسڪيو ايمرجنسي سروس 1122 کي سنڌ جي سمورن ضلعن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته اهو نئون ادارو آهي ان ۾ ڪم ڪندڙفائرفائيٽرز ، غوطا خورن ۽ ٻين ڪم ڪندڙ رضاڪارن لاءِ انشورنس جو منصوبو پڻ آڻي رهيا آهيون جنهن جي سنڌ ڪابينا کان منظوري ورتي وئي آهي _ حيدرآباد يونٽ کي پڻ تمام جلد اسين اسنارڪل فراهم ڪنداسين، هن چيو ته 18 هين ترميم بعد صوبا خودمختيار آهن پنهنجن ادرن ۾ قانوني سازي ڪري سگهن ٿا _ هن چيو ته سنڌ جي پاڻي تي اسانجو واضح موقف آهي اسان ان تي قائم آهيون، ارسا ايڪٽ جا جيڪي آرٽيڪل آهن اهي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ تي واضح آهن جيڪڏهن چولستان کي پاڻي ڏيڻو آهي ته سنڌ جي ضلعي ٿر کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ماڊلز کي اپنائڻ گهرجي ضلعي ٿر کي ڪيئن پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي اهو طريقو اختيار ڪري سگهجي ٿو. صوبائي وزير چيو ته ٿرکي ماڊل ڊيسرٽ ايريا بڻايو آهي جڏهن ته ڪينالن جو منصوبو اسين شروع ٿيڻ نه ڏينداسين. مخدوم محبوب الزمان چيو ته سياسي معاملا الڳ ۽ صدارتي آفيس جا اختيار الڳ هوندا آهن، اسين سياسي مذاڪرات تي يقين رکون ٿا ۽ گڏجي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ بهتر سمجهون ٿا. صوبائي وزير چيو ته پاڪستان جي ترقي ۾ جيڪي ماڻهو رڪاوٽ وجهڻ لاءِ ملڪ خلاف بيان ڏئي رهيا آهن ان سبب ٻاهرين سيڙپڪاري متاثر ٿي رهي آهي ۽ اهڙي عمل سان ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام پڻ پيدا ٿي رهيو آهي.