ضلعي انتظاميه ڪشمور پاران سنڌ فوڊ اٿارٽي کي ضلعي سطح تي وڌيڪ فعال بڻايو پيو وڃي.

ضلعي انتظاميه ڪشمور پاران سنڌ فوڊ اٿارٽي کي ضلعي سطح تي وڌيڪ فعال بڻايو پيو وڃي ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور امير فضل اويسي جي نگراني هيٺ ڊائريڪٽر سنڌ فوڊ اٿارٽي مسعود ڀٽو کاڌ خوراڪ جي ڪاروبار سان لاڳاپيل واپارين ۾ فوڊ لائسنس ورهايا سنڌ فوڊ اٿارٽي جون ٽيمون ڪشمور ضلعي جي کاڌ خوارڪ وارن مرڪزن جو باقاعدي معائنو ڪنديون ته جئين عوام کي بهتر معياري کاڌ خوراڪ جي دستيابي کي يقيني بنائي سگهجي ڪشمور ضلعي اندر فوڊ اٿارٽي جي آفيس ڪنٽرول روم جو قيام ۽ ڪشمور ديره موڙ باڊر تي جديد فوڊ ٽيسٽنگ ليب قائم ڪئي ويندي ته جيئن ٻين صوبن مان ايندڙ کاڌ خوراڪ وارين شين جي معيار کي جانچي سگهجي ڪشمور ضلعي سان لاڳاپيل واپارين سنڌ فوڊ اٿارٽي کي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو، ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر آپريشنز آغافاروق احمد ۽ لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود  هئا