ضياءَ دور سڀني کان وڌيڪ خوفناڪ هو، ذوالفقار علي ڀٽو کي عهدي تان هٽائي قتل ڪيو ويو: جسٽس اطهر من الله

 سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته ضياءُالحق جو دور سڀني کان وڌيڪ خوفناڪ هو، انهي دور ۾ ٽارچر سيلز ٺاهيا ويا، ماڻهن کي مهينن تائين قيد خانن ۾ رکيو ويندو هو. عوام طرفان چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي به عهدي تان هٽائي قتل ڪيو ويو. لاهور ۾ پهرين عالمي جانورن جي حقن ۽ ماحوليات ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس اطهر من الله اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اهم فيصلن تي روشني  وڌي. هن چيو ته جبري گمشدگيون، قيدين جي حقن ۽ بنيادي انساني حقن جي حوالي سان ڪيترائي اهم فيصلا ڏنا آهن. هن خاص طور تي جبري گمشدگي جي ڪيسز جو ذڪر ڪندي چيو ته اهڙن ڪيسز ۾ عدالت متاثرين جي تڪليفن کي سمجهندي فيصلا ڪيا. هن چيو ته بطور جج مان انهي تڪليف کي محسوس ڪري سگهان ٿو ته ڪنهن جو مائٽ جبري گم ٿيڻ تي گهر ڀاتين تي ڇا گذري ٿي. جسٽس اطهر من الله اسلام آباد جي چڙيا گهر جي حوالي سان ڏنل فيصلي تي به ڳالهيون ڪندي چيو ته جانورن جي حقن جو تحفظ به اوترو ئي اهم آهي جيترو انساني حقن جو آهي. هن انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته زندگي قيمتي آهي، پوءِ چاهي اها انسان جي هجي، جانورن يا ٻوٽن جي. هن پاڪستان ۾ طاقت جي زور تي اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ جنرل  ضياءُالحق جي دور جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ طاقت جي زور تي اقتدار تي قبضو ڪيو ويندو آهي اهو دور سڀني کان وڌيڪ خوفناڪ هو، جنهن ۾ ٽارچر سيل ٺاهيا ويا ۽ ماڻهن کي مهينن جا مهينا بنا ڪنهن ڏوهه جي قيد ۾ رکيو ويو. هن ذوالفقار علي ڀٽو جي برطرفي ۽ قتل جو به ذڪر ڪيو. ڪانفرنس جي دوران هن جانورن جي حقن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ جانورن جي حقن جي تحفظ لاءِ به سنجيده قدم کڻڻ ضروري آهن. هن انهي موقعي تي پاڪستان جي پهرين عالمي جانورن ۽ ماحوليات ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي منتظمين کي مبارڪباد ڏني. جسٽس اطهر من الله بني گالا جي خوبصورتي کي داغدار ڪرڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ ٽائون پلانر انهي جڳهه کي جانورن جي قيام لاءِ بهترين جڳهه قرار ڏنو هو. پر اشرافيه اتي رهائش گاهون قائم ڪري قدرتي خوبصورتي کي نقصان پهچايو.