عالمي طاقتون ۽ پاڪستان جا دشمن اسان جي نااتفاقي جو فائدو کڻي رهيا آهن: بلاول ڀٽو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عالمي طاقتون، دهشتگرد ۽ پاڪستان جا دشمن اسان جي نااتفاقي جو فائدو کڻي رهيا آهن، مذهب ۽ آزادي جي نالي تي دهشتگردي ڪرڻ وارا پنهنجي حقن جي لاءِ نه رتو ڇاڻ جي ڪري وڙهي رهيا آهن. قومي اسيمبلي ۾ جعفر ايڪسپريس جي حوالي سان بحث ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي پاڻ ۾ تڪرارن ۽ ورهاست جو فائدو ملڪ دشمن کڻي رهيا آهن،  اي پي ايس سانحي تي سياست هڪ طرف رکي قومي مفاد کي اوليت ڏني وڃي، اڄ اسان ماضي کان وڌيڪ خطرناڪ دور مان گذري رهيا آهيون، اي پي ايس جي واقعي تي اسان سياست کي هڪ طرف رکي نيشنل ايڪشن پلان کي مڃيو، اسان ملڪ مان دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي هئي. هن چيو ته اسان دهشتگردي جي خلاف پنهنجي ڪاميابي وڃائي چڪا آهيون، دهشتگردي جي باهه ٻيهر ٻري رهي آهي، اسان دهشتگردي جي خلاف ماضي جيان سياسي اتفاق راءِ نٿا ٺاهي سگهون اسان جي ڪمزورين جي ڪري جيڪو به ٿيو، دهشتگرد، عالمي طاقتون ۽ پاڪستان جا دشمن اسان جي نااتفاقي جو فائدو کڻي رهيا آهن. پ پ چيئرمين چيو ته پيپلز پارٽي هر طرح جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿي، دهشتگردي جي ڪري پاڪستان ۽ پيپلز پارٽي تمام گهڻو نقصان برداشت ڪيو آهي، مون کي اڳوڻي وزيراعظم جي گهر مان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، دهشتگردي جي ڪري بينظير ڀٽو شهيد ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جو مسئلو نئون نه آهي، پاڪستاني قوم گڏجي ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪري ڇڏيو هو، پاڪستان جي هر شهري هن جنگ ۾ پنهنجو حصو وجهي دهشتگردي کان پاڪ ڪيو. عام شهري کان وٺي پوليس ۽ فوج، اهڙو ڪوبه ناهي جنهن هن جنگ ۾ قرباني نه ڏني هجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ماضي ۾ به جڏهن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هي ايوان متحد هو ته تحريڪ انصاف جي ڌار سياست هئي، پي ٽي آءِ جو هڪ ئي مطالبو آهي ته قيدي نمبر 804 کي آزاد ڪريو،  اچو هٿ سان هٿ ملائي دهشتگردي  جو مقابلو ڪريون، دهشتردي تي رد عمل ۾ به اسان کي متحد ٿيڻ گهرجي. اميد آهي ته سموريون سياسي پارٽيون اتفاق راءِ جي ڪوشش ڪنديون. قومي معاملن تي سڀني کي هڪ ٿيڻو پوندو. هن چيو ته دهشتگردي جو هر واقعو گذريل واقعي کان وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي، دهشتگردن جو ڪوبه نظريو ۽ مذهب ناهي هوندو، ڪابه سياست ناهي هوندي، اهڙين سمورين تنظيمن جو نالو جيڪو به هجي پر انهي جو مقصد دهشت پکيڙڻ ۽ ماڻهن کي قتل ڪرڻ هوندو آهي، مذهبي دهشتگرد نه اسلامي رياست چاهي ٿو نه ئي نام نهاد بلوچ دهشتگرد پنهنجي آزادي ۽ حق چاهين ٿا. اهي صرف رتو ڇاڻ ڪندا آهن اهي صرف پاڪستاني عوام جي ترقي جو رستو روڪڻ چاهين ٿا.