وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عزم استحڪام آپريشن بابت غلط فهميون پکيڙيون پيون وڃن. هن آپريشن سان آبادين جي لڏ پلاڻ نه ٿيندي هي مخصوص علائقي ۾ نه ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪابينه جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ اجلاس کي عزم استحڪام آپريشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عزم استحڪام آپريشن بابت غلط فهميون پکيڙيون پيون وڃن. عزم استحڪام آپريشن ماضي جيان وڏي آپريشن کان مختلف آهي هن آپريشن سان آبادين جي لڏ پلاڻ نه ٿيندي ۽ هي آپريشن مخصوص علائقي ۾ نه ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اسان کي پنهنجن جهيڙن جي بجاءِ هن آپريشن کي سپورٽ ڪرڻو پوندو. انٽيليجنس جي بنياد تي دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته عزم استحڪام سمورن رخن تي ٻڌل هڪ قومي وزن آهي جنهن ۾ سياسي سفارتي ۽ ٻيا پهلو به شامل هوندا. ٻئي پاسي وزيراعظم بجيٽ اجلاس دوران وزيرن کي پارليامينٽ ۾ حاضري يقيني بنائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.