تفصيل موجب دهشتگردي ٽوڙ عدالت وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا لکت ۾ حڪم جاري ڪيو. جنهن ۾ هن چيو ته آءِ جي نائن ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ وڏي وزير ڪي پي ڪي کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي ۽ گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ بعد ڪيس کي ٻين جوابدارن کان ڌار ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻن راجا راشد حفيظ، واثق قيوم، راجا خرم نواز، فيصل جاويد ۽ عمر تنوير جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. غير حاضر جوابدارن جي وڪيل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي، غير حاضر جوابدارن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ۽ ضمانتي مچلڪا رد ڪيا ويا. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 28 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.