ڈخيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جو وجود ختم ٿي ويو آهي، چونڊيل نمائندن کي بغير ڪنهن سبب جي نااهل ڪري عوام جا حق سلب ڪيا پيا وڃن، ۽ اليڪشن دوران سموري ملڪ ۾ اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو هن الزام هنيو ته فارم 47 جي ذريعي اسان تي هڪ مسلط ٿيل حڪومت لاڳو ڪئي وئي، جڏهن ته اڳوڻين حڪومتن جي ڪرپشن کي اسان خلاف هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. ڪوهستان اسڪينڊل صوبائي نه پر وفاقي معاملو آهي، پر ان جو الزام به اسان تي وڌو پيو وڃي علي امين گنڊاپور ٻڌايو ته صرف 17 مهينن ۾ صوبو 250 ارب روپين کان وڌيڪ آمدني حاصل ڪري تاريخ رقم ڪئي آهي. اقتدار ملڻ وقت صوبو قرضن ۾ ٻڏل هو ۽ پگهارون ڏيڻ به مشڪل هئي، پر اسان مالي تباهي مان صوبو ڪڍي ڪاميابي جي رستي تي آندو. قرضن جي ادائيگي لاءِ 190 ارب جو اينڊومينٽ فنڊ قائم ڪيو آهي ۽ حدف 300 ارب رکيو ويو آهيهن چيو ته خيبرپختونخواهه هاڻي شفافيت، خدمت ۽ ترقي ۾ سموري ملڪ لاءِ مثال بڻجي چڪو آهي. دهشتگردي جو خاتمو ۽ عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ ترجيح آهي، جڏهن ته جرڳن جو دائرو وڌايو ويندو وڏي وزير واضح ڪيو ته عوامي راءِ ۽ جرڳن جي مشاورت سان مضبوط حڪمت عملي ٺاهي ويندي. رجيم چينج کان پوءِ پي ٽي آءِ جنگي حالتن ۾ آهي، رياست مخالف طاقتون سرگرم آهن ۽ انتقامي ڪارروايون عروج تي آهن، پر اسان پوئتي نه هٽنداسين ــ اها پاڪستان ۽ آزادي جي جنگ آهي، ۽ اسان آخري دم تائين وڙهنداسين