عمران خان جو ڪيس صرف 30 سيڪنڊن لاءِ ٻڌو ويو: عليمه خان

عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته عمران خان جو ڪيس 30 سيڪنڊن جي لاءِ ڪيس ٻڌو ۽ 12 آگسٽ جي تاريخ ڏني وئي انهي جي وچ ۾ ڪوبه ٽائيم نه آهي سپريم ڪورٽ جي ٻاهران نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي عليمه خان چيو ته انهن کي خبر هوندي ته سلمان صفدر ملڪ کان ٻاهر آهي ته 24 ڪلاڪن جي اندر ڪيس لڳائي ڇڏيو، هي سوچي رهيا هئا ته وڪيل پيش نه ٿي سگهندا پر سلمان اڪرم راجه پيش ٿيو، عمران خان جو ڪيس 30 سيڪنڊن جي لاءِ ڪيس ٻڌو ۽ 12 آگسٽ جي تاريخ ڏني وئي انهي جي وچ ۾ ڪوبه ٽائيم نه آهي عليمه خان چيو ته اڄ عمران خان سان گهرڀاتين جي ملاقات جو ڏينهن آهي ۽ اسان عدالت کان به حڪم نامو ورتو آهي، اڄ توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي به آهي. هن چيو ته گذريل ٻڌڻي تي پراسيڪيوشن جا 12 وڪيل ۽ عملو ملائي 20 ماڻهو ويندا هئا اسان طرفان جيل انتظاميه صرف هڪ وڪيل کي وڃڻ ڏيندي آهي، اسان جي وڪيلن جي ٽيم کي اڊيالا جيل جي اندر نٿو وڃڻ ڏنو وڃي ۽ نه ئي گهر ڀاتين کي وڃڻ ڏين ٿا ليمه خان وڌيڪ چيو ته اڊياله ۾ ملاقاتن ۽ ڪيس جي حوالي سان جج جي نٿي ٻڌي وڃي، جج چيو ته گهر ڀاتين ۽ وڪيلن کي گهرايو پر جيل انتظاميه حڪم نه پئي مڃي. هن چيو ته هي ٽرائل جون گهرجون پوريون نه ڪري رهيا آهن، هي اوپن ٽرائل ئي نه آهي، اسان اهوئي چاهيون ٿا ته فيئر ٽرائل جون گهرجون پوريون ڪيون وڃن.