اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ آمريڪا، برطانيه، ڪينيڊا ۽ يورپي يونين پنهنجي شهرين کي پاڪستان ۾ سفر ڪرڻ لاءِ ٽريول ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي.ڪينيڊين هاءِ ڪميشن ٽريول ايڊوائزري جاري ڪندي پنهنجي شهرين کي هدايت جاري ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ غير امڪاني سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياط ڪريو، دهشتگردي، بدامني ۽ اغوا جو خطرو آهي.ٽريول ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته ڪينيڊين شهري علائقائي سطح تي سموري اچ وڃ، ڪشمير، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.ڪينيڊين هاءِ ڪميشن جي ٽريول ايڊوائزري موجب اسلام آباد، روالپنڊي، لاهور ۽ ڪراچي ۾ سيڪيورٽي فورسز هاءِ الرٽ آهي. هوٽلن ۽ شاپنگ سينٽرز ۾ وڃڻ کان احتياط ڪريو.ٽريول ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته اهڙن علائقن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪريو جتي مظاهرا ۽ وڏا اجتماع ٿي رهيا آهن. ان کان علاوه آمريڪا، برطانيه ۽ يورپي يونين طرفان به اهڙي طرح جي ٽريول ايڊوائزري جاري ڪئي وئي آهي.